اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي پيڪيج بابت حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهي آهي، ڪراچي پيڪيج تحت سمورن منصوبن جي سرپرستي وف??قي حڪومت ڪندي، 611 ارب وف??ق ادا ڪندي جڏهن ته باقي فنڊز صوبائي حڪومت جي ذمي آهن، مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت نيب جي سامهون ڀنل ٻلي بڻيل آهي ۽ ٻاهر نڪري شرمندگي ب??ان ڪرڻ بدران ڪوڙ ڳالهائي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، پنهنجي اڪائونٽس ڀريندڙن کي عوام ووٽ جي طاقت سان رد ڪيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وف??قي حڪومت اهڙو صوبو جتي انهن جي حڪومت نه آهي ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ دلچسپي وٺندي رڪيل منصوبن کي مڪمل ڪرڻ وڃي رهي آهي، ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي سان اهي ماڻهو پريشان آهن جنهن پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ جو بنياد رکيو، انهن ماڻهن جي ڪري پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، پارليامينٽ ۾ ملڪي مفاد جي خلاف راءِ ڏيندڙ دشمنن جو هٿيار سمجهيا ويندا ڇو ته ڀارت پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي ب??يڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي هر ڪوشش ڪري ڏٺي، اين آر او جي ڪا شڪل ناهي هوندي پر اهڙو ئي رليف هوندو آهي جنهن سان شخصتن کي قانون کان مٿانهون سمجهيو ويندو آهي، مخالف ڌر کي اين آر او ڏيڻ کان بهتر آهي ته پوري ملڪ جي جيلن کي کوليو وڃي ۽ ننڍو ڏوهه ڪندڙن کي ب?? ايئن ئي آزاد ڪيو وڃي جيئن آزادي مخالف ڌر گهري رهي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.