اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 هزار 980 پازيٽو ڪيسز رپورٽ ٿيا، هڪ لک 40 هزار 965 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي ويا، ٽي ٽي ڪيو حڪمت عملي تحت 30 شهرن ۾ وقت سر هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي، انهن علائقن ۾ وبا تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ لاڪ ڊائون عوام جي صحت کي يقيني بڻائيندو. اين سي او سي موجب صحت جي ماهرن جو مشورو آهي ته جيئن ته عوام گذريل 4 کان 6 هفتن ۽ خاص طور تي ??يدالفطر جي موقعي تي معاشرتي فاصلي، م??سڪ جي استعمال سميت ايس او پيز تي ??ملدرآمد ڪيو اهڙي طرح عيدالاضحيٰ دوران به اهڙو ئي تعاون جاري رکي، ان سان انتظاميا کي وبا تي ??ابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. ڪورونا وائرس جي ڪري گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 83 ماڻهو فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 21 هزار 951 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ سنڌ جا 9 هزار 317، پنجاب جا 7 هزار 659، خيبرپختونخواهه جا 2017، اسلام آباد جا 2078، بلوچستان جا 505، ??لگت بلتستان جا 2 ۽ آزاد ڪشمير جا 293 ٽيسٽ شامل آهن.