اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عمران خان 22 سا?? سياسي جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ وزارت عظميٰ تي فائز ٿيو، سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي پاليسي ڪامياب نه ٿي سگهي، وزيراعظم عمران خان جي ذاتي دلچسپي سا?? سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ ڏيڍ سئ?? ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سا?? مارچ تائين اسان جي اوڳاڙين ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو هو، بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن، سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سا?? ٺاهي ويندي، ديامير ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سا?? جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺند?? منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته الله تعاليٰ ڪورونا کان اسان سڀني کي محفوظ رکي، جيڪي ان جو شڪار ٿيا انهن جي مغفرت فرمائي. اهو چيو ويو ته حڪومت جي ناقص پاليسي سا?? ڪورونا جو ڦهلاءُ ۽ ماڻهو ان جو شڪار ٿيا. عمران خان مخالف ڌر جي ا??صا?? تي سوار هوندو آهي، ڪورونا 180 ملڪن ۾ آهي ۽ عمران خان جي حڪومت رڳو هتي آهي.