اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته عوام جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آه??، سرڪاري شعبي جي ادارن جي سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي، سبسڊيز ڏيڻ جي عمل تي نظرثاني جي ضرورت آه??، موجوده دور جي اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسئلن ج?? مڪمل حل جي ضرورت آه??، عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اڳتي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ ترجيحون ۽ هدف واضح هجڻ گهرجن ۽ منصوبا رڳو شروع ڪرڻ بدران انهن ک?? مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو.