اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورنا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ??ين??ر صوبن جي مشاورت سان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ يا وڌائڻ جو فيصلو ڪندو، حالتون لائحه عمل کي بدلائي سگهن ٿيون، جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي ته ان کان به وڌيڪ سخت هد??يتون لاڳو ڪرڻيون پونديون، 14 اپريل کان پهرين آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام جي سلامتي ۽ تحفظ اولين ترجيح آهي، ڪورونا وائرس جي جيڪا صورتحال هلي رهي آهي ان کي نظر ۾ رکندي ماهرن جي ٽيم ڪم ڪري ??هي آهي.