اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته مخالف ڌر تنقيد سان گڏ تجويزون به ڏي، تنقيد براءِ تنقيد مسئلي جو حل نه آهي، سموريون سياسي پ??رٽيون حڪومت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلن، ڪرونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي طرف وڃڻ جي ضرورت آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران ڳالهائي ??هي هئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو خطاب حسين خواهشن تي ٻڌل روڊ ميپ هو جيڪو ميديا ذريعي قوم آڏو پيش ڪري حڪومت کي هدايت ڏني وئي ته اهي قدم ??ور?? طور تي کنيا وڃن.