ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ تباهي هوندي، جنگُون مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديون آهن، ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي سي اين بي سي جي هيڊلي گيمبل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ جنگ ٿي ته اها تباهي آڻيندڙ هوندي، ??قي?? ڪريو ته ايران جو تڪرار افغانستان جي مقابلي ۾ انتهائي مشڪل هوندو، وزيراعظم آمريڪا جي طرفان ڳالهين لاءِ آمادگي کي ذميداراڻو قرار ??يندي چيو ته 19 سال گذرڻ جي باوجود افغانستان جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو ۽ ڌريون ڳالهين جاري رکڻ ۽ فائربندي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ به ماڻهو مري رهيا آهن، هڪ کرب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن ته ڇا آمريڪا وڌ??ڪ ڪنهن ٽڪر جي سٽ سهي سگهي ٿو.