اسلام آباد – پهرين مئي (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر قسم جي فرق ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خاص ??ور تي مزدورن ج?? ڀلائي ۽ تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مزدور ۽ آجر پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انهن جو تعاون لازمي آهي. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ صدر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ??ا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي جي لاءِ انهن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.