اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا کان بچاءُ جي لاءِ وزيراعظم جي حڪمن تحت اسلام آباد ?? قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، سموريون ريسٽورانٽ، فوڊ مرڪز ۽ ڪيفي بند رهندا، ٽيڪ اوي/ هوم ڊليوري جاري رهندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته اسلام آباد ۾ سموريون ريسٽورانٽ، فوڊ مرڪز ۽ ڪيفي بند رهندا، ٽيڪ اوي/ هوم ڊليوري جاري رهندي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم جي حڪمن تحت اسلام آباد ?? قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.