اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير شوڪت ترين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلومبرگ ۽ دي اڪانومسٽ جهڙين عالمي معاشي تنظيمن پاڪستا?? جي ڪوويڊ دوران نوڪرين ۽ زندگين کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل ڪامياب معاشي سڌارن ۽ قدمن کي تسليم ڪيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو وچولي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي معاشي بهتري جي لاءِ قدم شروع ڪري جيڪي درآمدي ??هانگائي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير مسلسل جاري عالمي سطح تي جنس?? جي قيمتن ۾ تمام گهڻي ??ضافي تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن جنهن پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ واپاري خساري کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته مقامي کاڌي پ??تي جي شين جون قيمتون ڊسمبر کان گهٽ ٿي رهيون آه?? جيئن ته صارفي?? جي لاءِ قيمتن جا انگ اکر ايس پي آءِ سان ظاهر ٿين ٿا. جڏهن ته هو پراميد آهي ته جيئن ئي عالمي سطح تي قيمتون گهٽ ٿينديون درآمدي شين تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو. وزيراعظم مجموعي طور تي ٽيڪس وصولي، درآمدات ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ??ي اطمينان جو اظهار ڪيو.