لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي عوام جي ج??ن ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ ??بض?? مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اها هدا??ت وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڏني جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سول انتظاميه ۽ امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به شريڪ ٿيا. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي ج??ن ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضي مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.