اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪ??تا?? جي دوري تي آيل بوسنيا جي پ??ڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ??تا?? ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گهرا لاڳاپ?? موجود آهن. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳ??پن جي فروغ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن پاڪ??تا?? ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گڏيل اقتصادي ۽ واپاري ڪميشن جا اجلاس باقاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ لاءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محققن جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسنيا جي پ??ڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزبا??ي تي پ??ڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.