اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ڪرغستان جي سفير توتايو والانبڪ اسان ڪولووڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پا??ست??ن ڪرغستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻئي م??ڪ مذهب، ٻڌي ۽ ثقافت جي لازوال رشتن ۾ ٻڌل آهن، اسان ڪرغستان سان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي پارليامينٽ ۾ رابطن جو فروغ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، چين پا??ست??ن اقتصادي راهداري خط?? ۾ اقتصادي سرگرمين جو مرڪز ثابت ٿيندي. هن چيو ته خط?? جي م??ڪن ۾ ويجها رابطا ۽ حصيداري خط?? جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، پا??ست??ن خط?? جي م??ڪن ۾ ويجهي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته چين ۽ پا??ست??ن سان ويجهو هجڻ جي ڪري ڪرغستان وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کان ٻاهر گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪرغستان جي سفير چيو ته سندس ملڪ جا پا??ست??ن سان ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ڪرغستان پا??ست??ن سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.