اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ ٺوس سياسي حل اهميت رکندڙ آهي، 40 سالن کان جاري افغان تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي، پاڪستان گڏيل قومن کي افغانستان جي لاءِ ا??سا??ي مشن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ٻولهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي ا??سا??ي صورتحال تي ڌيان ڏنو ويو. وزير??عظ?? عمران خان افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل ۽ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي روشني وڌي. وزير??عظ?? چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ 40 سالا تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي. وزير??عظ?? عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان وڌيڪ ويجها لاڳاپا رکي جنهن ۾ ا??سا??ي ضرورتن جي حل جي لاءِ اولين ترجيح ۽ معاشي استحڪام يقيني بڻايو وڃي، اهڙن قدمن سان نه رڳو سيڪيورٽي کي سگهه ملندي پر افغان شهرين جو پنهنجي ملڪ مان وڏي پئماني انخلا به رڪجي سگهندو ۽ افغانستان ۾ پناهگيرن جي بحران کي روڪي سگهبو. وزير??عظ?? افغان عوام کي انتهائي ضروري ا??سا??ي امدا?? پهچائڻ ۾ گڏيل قومن جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزير??عظ?? ان حوالي سان پاڪستان پاران گڏيل قومن کي انخلا ۽ لڏپلاڻ جي ڪوششن ۾ مدد سميت ڏني ويندڙ سهولتن تي روشني وڌي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي پاڪستان جي مينڊيٽ جي پڄاڻي جي حوالي سان آگاهه ڪندي پاڪستان پاران ا??سا??ي همدردي جي بنياد تي افغانستان جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي آپريشن ۾ مڪمل تعاون جي عزم کي ورجايو.