ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ان??رادي ۽ اداراجاتي سطح تي فلاحي ڪمن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو، پاڪستاني سرزمين تي لکين افغان پناهگيرن جي موجودگي اسان جي مهمان نواز?? جو ثبوت آهي. صدر ??هڙ?? خيالن جو اظهار ڪراچي ڪميونٽي پارٽنرز ان??رنيشنل (سي پي آئي) ۽ شائن هيومينٽي جي فلاحي سرگرمين جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. صدر ڪراچي ۾ استعمال ٿيندڙ 100 آڪسيجن ڪنسنٽريٽرز عطيو ڪر?? تي سي پي آئي ۽ شائن هيومينٽي کي ساراهيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان حڪومت جي وقت سر ۽ منصفاني فيصلن جي ڪري ڪوويڊ 19 و??ئرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت وقت سر ڪوويڊ 19 و??ائي بيماري جي شدت کي محسوس ڪيو ۽ معاشي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو. هن اين جي اوز ۽ هيلٿ ورڪرز تي زور ڏنو ته اهي هيپاٽائيٽس ۽ ٽي بي جهڙين بيمارين کان بچاءُ طرف پڻ ڌيان ڏين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پي آئي جي نمائندي ان?? اشرف علي ۽ شائن هيومينٽي جي چيئرمين علي نقو?? جو نيڪ مقصد ۾ حصو وجه?? تي ٿورو مڃيو.