اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي، اسان ا??غانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن تي افغانستان ۾ سمورن گروپن جو ??تفاق هجي، افغانستان جي اندر فيصلي سازي جو ??ختيار افغان عوام جو ??ق آ??ي. اها ڳالهه هن ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ا??غانستان جي معاملي تي چين، ترڪي، آمريڪا، برطانيه سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، خطي جا ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌ??ي فواد حسين چيو ته اسان هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان کي استحڪام طرف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان مثبت صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان طالبان ۽ آمريڪا کي ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني جو ??ويو درست نه هو. هن چيو ته اسان جو ??البان تي ڪنٽرول نه آهي ۽ نه ئي اسان وٽ طالبان جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان طالبان جي ترجمان پاران ا??و بيان ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڀارت افغانستان ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو، ان جو هاڻي خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي حوالي سان اسان جو ??نيادي شرط آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن به ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪنهن به قيمت تي افغانستان کي عالمي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو ويندو.