اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته سندس حڪومت مافيا ۽ طاقتور طبقي جي خلاف وڙ??ي رهي آهي، هيستائين 27 ارب رپيا ماليت جي 21000 ايڪڙ سرڪاري زمين قبضا مافيا کان ڇڏرائي وئي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي وي تي ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ سڌوسنئون عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو.