اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اهي آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ ا??اف?? جي ل??ءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن، کاڌي پيتي جي ش??ن جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڇي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کاڌي پيتي جي ضروري ش??ن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان انتظامي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي ??جلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم هول سيل ۽ ريٽيلرز جي سطح تي قيمتن ۾ فرق تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ڪمزور عملدرآمد مڪينزم ۽ريگيوليٽري مڪينزم ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ محدود آبادگار مارڪيٽس پڻ آبادگارن جي استحصال جو هڪ سبب آهن. مڊل مين پاران ناحق منافعي ??ي ڪري قيمتن ۾ ا??اف?? ٿئي ٿو ۽ ان سان غريب متاثر ٿئي ٿو. وزيراعظم صوبائي چيف سيڪريٽرين کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي اٽي جي پيداوار ۾ ا??اف?? جي ل??ءِ ڪڻڪ جي پيڙهائي جي شرح جي حوالي سان ٺوس منصوبو پيش ڪن ته جيئن اٽي جي قيمتن کي هيٺ آڻي سگهجي. وزيراعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي 24 ڪلاڪن ۾ فارمر مارڪيٽس جو انگ وڌائڻ، نجي شعي کي پنهنجي ذاتي مارڪيٽس قائم ڪرڻ ۽ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ جي ل??ءِ قابل عمل منصوبو پيش ڪن.