لاهور – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??ي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مون تي هڪ سياسي بيان کڻي ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مون 26 سيپٽمبر 2020ع جي پروگرام ۾ ڪنهن ڪمپني جو نالو نه کنيو جڏهن ته 29 سيپٽمبر تي ??علي ليٽر ٺاهيو ويو ڇو ته اهو اهڙي شخ?? جي صحيحن سان ٺاهيو ويو جيڪو پاڪستان ۾ نه هو، 20 سيپٽمبر تي هڪ ٻيو ليٽر ٺاهيو ويو ۽ منهنجي خلاف ڪريمنل پروسيڊنگ سان گڏ ڪيس داخل ڪرايو ويو جڏهن ته عام طور تي ??هڙو ڪيس سول ڪورٽ ۾ ويندو آهي ۽ اهو ڄاڻي واڻي ڪريمينل پروسيڊنگ ۾ م??ڪل??و ويو جڏهن ته اهو ڪيس معزز عدالت ۾ آهي جنهن جي حقيقتن جو فيصلو جلد عدالت ڪندي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.